Ayaz Mangrio

Ayaz Mangrio pithoro

اڃان محبت مُئي نہ آهي!  هي ويڊيو ڏسڻ کان پوءِ دل تازي ڪُٺل جانور جي جسم جيان ڦڙڪڻ لڳي آهي ۽ اکيون آليون ٿي ويون آهن. هي ...
02/06/2026

اڃان محبت مُئي نہ آهي!
هي ويڊيو ڏسڻ کان پوءِ دل تازي ڪُٺل جانور جي جسم جيان ڦڙڪڻ لڳي آهي ۽ اکيون آليون ٿي ويون آهن.
هي هڪ هندستان جي ڇوڪريءَ آهي، بيماري جي بستري تي بي وفا زندگي جو آخري ايپيسوڊ ڏسي رهي آهي، هن جي بدن ۾ ڪينسر جو قھري مرض تيزي سان ڊوڙي هن کي هر هر ٻڌائي رهيو آهي تہ هاڻ زندگي تنهنجي هٿن مان ڪري ڪاچ جيان ڀُڪا ڀُڪا ٿي پوندي. ڳالھ فقط مرض جي ناهي پر ڳالھ آھي محبت جي جيڪا هن جي دل ۾ هرڻي واريون ڇالون ڏيئي رهي آهي، ڳالھ صرف ڪينسر جي ناهي پر ڳالھ آھي هن قرب جي جيڪو ڊگهي وڇوڙي جو وڍ برداشت ڪرڻ لئہ تيار آهي. اکين مان ٽپا ڏيئي لڙڪ ٻاهر تہ تڏهن نڪري ايندا جڏهن هي ڪهاڻي ڪلائمڪس تي پهچندي.. ٿيو خبر ڇا آهي..؟ هن ڪجلين اکين، ڀريل ڳلن ۽ ناسي چپن واري ڇوڪريءَ مرڻ جي آخري مرحلي ۾ محبت جو اظهار ڪندي ان محبوب جو نالو پڻ کنيو آهي تہ مونکي هن نوجوان سان پرڻايو پوءِ ڳالھ مائٽن تائين پهتي آهي انهن سڀ بندوبست ڪيا آهن ۽ بيماري جي بستري تي هي ڪينسر کي لت هڻي ڪنوار ٿي ويئي آهي، ڳاڙهي جوڙي ۾ هو بلڪل اهڙي لڳي رهي آهي جهڙو بهار ۾ ٽڙيل ڳاڙهو گل هجي! هن جو محبوب مڙس سيندور کڻي هن جي سينڌ ۾ هنيو آهي هڪ ڳاڙهي لڪير هن جي پيشاني تي ٺهي ويئي آهي، جيڪا وفا جي لڪير آهي ۽ جيڪو نينهن نڀائڻ جو نقشو آهي. ٻنهي جا وات بند آهن ۽ فقط ڳوڙهن سان اکيون ڳالهائي رهيون آهن. ڇوڪري کي بہ خبر آهي تہ هاڻ بس هميشہ لئہ هلي ويندي ۽ ڇوڪريءَ کي پڻ خبر آهي تہ هاڻ حياتي جي گهڙيال جو ڪانٽو سالن ۽ مهينن کان ٿيندو منٽن تي بيٺو آهي آئون پنڇي جيان پر هڻي اڏامي ويندس... هي هڪ ٻي ڏي نهارين ٿا ۽ پوءِ ڇوڪريءَ هن کي ڇڪي ڀاڪر پائي ٿي ڇڪڻ سان ڇوڪري جي جي دل پڻ ڪن جي والي جيان لڏي وڃي ٿي ۽ آخري ڀاڪر جو عظيم عڪس چٽجي وڃي ٿو، سهاڳ رات جو خواب وقت جي ڦيٿي هيٺيان اچي چيڀاٽجي وڃي ٿو، پيار جو جهنڊو ڦڙڪڻ لڳي ٿو، محبت جو نغمو رت ۾ رلي ملي وڃي ٿو ۽ ۽ ۽ ويڊيو ختم ٿي وڃي

26/05/2022

SINdH hukamat

20/04/2022

Pithoro ki awam k Sath

13/03/2022

My voice Shahiry

29/12/2020

Best song

29/12/2020

My video

My best friend Asad MANGRIO Cast
29/12/2020

My best friend Asad MANGRIO Cast

Address

Pithoro
Pithoro
2929

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Ayaz Mangrio posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share