27/10/2024
لاڙڪاڻو پريس ڪلب ته استادن جو احتجاج:
سنڌ حڪومت پاران 725 انٽرنز کي بغير اطلاع برطرف ڪرڻ خلاف لاڙڪاڻو پريس ڪلب ته سنڌ جي انٽرنيز سبجيڪٽ اسپيشلسٽ استادن جو احتجاج۔
استادن پاران لاڙڪاڻو پريس ڪلب تي احتجاج کان پوء استادن شهيد محترم بينظير ڀٽو جي مزار تي احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو استادن پاران لاڙڪاڻي پريس ڪلب تائين ٿيندي ريلي جي صورت ۾ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ مزار اڳيان احتجاج ڪيو ۽ مطالبو ڪيو تي اڄ اسان پر امن احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي ٻن هفتن کان پوء مزار اندر مرڻ گهڙي تائين علامتي بک هرتال ڪئي ويندي، بحال نه ٿيڻ تائين بک هرتال جاري رهندي مظاهرين استاد
استادن ٻڌايو تي پورو سنڌ کان آيل استاد آهيو مسلسل ٻن مهينن کان پريس ڪلبن ۽ روڊن تي احتجاج ڪري رهيا آهيون اسان سان انصاف ڪيو وڃي
سنڌ جي انٽرنيز سبجيڪٽ اسپيشلسٽ استاد:
بحاليءَ لاءِ جدوجهد ۽ تعليم ۾ بھتري جو سفر...*سنڌ ۾ تعليم جي ميدان ۾ ڪيترن ئي سالن کان مسئلا ۽ لاڳاپيل چئلينجن جو سامھون رهيو آهي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي بندش جي ڪري ڪيترائي تعليمي منصوبا ۽ استاد ڀرتيون رڪجي ويون هيون، جنهن سبب تعليم جو معيار به متاثر ٿيو. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي هڪ غير معمولي قدم کنيو ويو ۽ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ انٽرنيز کي اسڪولن ۾ تدريس لاءِ مقرر ڪيو ويو.
سنڌ جي سيڪنڊري اسڪولن ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ انٽرنيز جي ڀرتي هڪ اهم فيصلي طور ڏٺو ويو، ڇاڪاڻ ته ان سان نه صرف تعليمي ادارن ۾ استاد جي کوٽ پوري ٿي، پر نوجوانن لاءِ روزگار جا دروازا پڻ کليا. هنن انٽرنيز استادن تقريباً ٻه سال کان مٿي تعليم جي ميدان ۾ وڏي محنت ۽ جذبي سان ڪم ڪيو. انهن پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪندي شاگردن کي معیاري تعليم فراهم ڪئي ۽ اسڪولن جي مالڪي ڪئي.
انٽرنيز استادن کي ٻه سال کان مٿي تدريسي فرض سرانجام ڏيڻ باوجود انهن کي مسلسل غير يقيني صورتحال جو سامنا رهيو. جڏھن سرڪاري سطح تي مستقل استاد مقرر ڪرڻ جي ڳالهه ٿي، تڏھن انهن انٽرنيز استادن کي نظرانداز ڪرڻ جا امڪان وڌڻ لڳا. انٽرنيز استادن ڪيترائي دفعا پنهنجي مسئلن کي اجاگر ڪيو، پر ان جي باوجود انهن جي ملازمت بابت ڪو واضع فيصلو نه ڪيو ويو.
انٽرنيز استادن جي بحاليءَ لاءِ ڪيترن ئي ڀيرا احتجاج، ڌرڻا، ۽ ميڊيا جي ذريعي پنهنجي حقن لاءِ آواز بلند ڪيو ويو. انٽرنيز استاد نه رڳو پنهنجو روزگار بچائڻ جي جنگ وڙهي رهيا آهن، پر سنڌ جي نوجوان نسل کي بھترين تعليم ڏيڻ جي عزم کي به برقرار رکيو. انٽرنيز استادن جو مطالبو آهي ته انهن کي مستقل ڪري، جيئن هو پنهنجي زندگي ۽ تعليم کي بھتر طريقي سان اڳتي وڌائي سگهن.
حڪومت کي گهرجي ته سبجيڪٽ اسپيشلسٽ انٽرنيز جي خدمت ۽ محنت کي تسليم ڪري، ۽ انهن کي مستقل ڪرڻ جا قدم کنيا وڃن، جيئن اهي استادن جي کوٽ کي پورو ڪري ۽ تعليم جي نظام کي بھتر بڻائي سگهن.
احتجاج آرگنائيرز ڪاشف مصطفي سومرو نائب صدر سيسا سنڌ
عبدالرئوف چاچر فناس سيڪريٽري سيسا سنڌ
عمران علي پنهور ايڊوائيزر سيسا سنڌ ۽ صدر سيسا ضلع دادو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو