06/12/2025
ڪين ڪوسو لڳي واءُ توکي ڪڏھن، تنھنجا دشمن ڏسان ڪنڌ تن جا ڪپيان،
ھن جنم ھُن جنم لاءِ وچن ٿو ڪريان، مان جتي به ھجان سنڌ تنھنجو ٿيا.
اڄ ڀٽ ڌڻيءَ جي ڀونءَ ۾ نگاه لطيف انسٽيٽيوٽ ڀٽ شاھ جي اڳڻ تي سنڌي ثقافتي ڏھاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملھايو ويو، ھن پروقار تقريب جي شروعات الله تعاليٰ جي پاڪ نالي سان ٿي گذري، جنھن کان پوءِ ڀٽ ڌڻي جو راڳي فقيرن لطيف سرڪار جي وائي پيش ڪئي، ان کان بعد ۾ مسٽر رستم علي چنڊ مھمانن کي سنڌي اجرڪ اوڌائي جنھن ۾ محترم سائين محمد آصف راجپوت صاحب، سائين ظفرالله بليدي صاحب، ۽ سائين نويد حسن جتوئي صاحب ھئا.
ھن تقريب ۾ شاگردن وڏي انگ ۾ پنھنجو حصو ورتو، جنھن ۾ تقرير جا مقابلا، شاعري، وائي، ۽ ٽيبلو پڻ شامل ھئا، جن مان ڪيترن ئي شاگردن پنھنجا جوھر ڏيکاريندي گفٽ پرائيز ۽ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ پنھنجي نالي ڪيا.
ھن يادگار تقريب ۾ انتظاميه ٽيم جون وڏيون ڪوششون ۽ ڪاوشون پڻ رھيون جن ۾ سر مسعود اسد کوڙو صاحب، سر جيتيش ڪمار صاحب، سر محمد اويس جتوئي صاحب، ۽ سائين ظھور انڙ صاحب جن ھئا.
آخر ۾ دعا آھي ته شال سدا سنڌ آباد رھي.❤️❤️