07/05/2026
ايوان صحافت ماتلي رجسٽرڊ
ماتلي: رپورٽ احتشام خاصخيلي
چينل: ڌرتي ٽائيم نيوز
هاءِ ٽيڪ ڪمپيوٽر سينٽر ۾ نادرا ٽيم پاران هڪ اهم آگاهي سيشن منعقد ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي اسغر سمون ڊپٽي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نادرا ڪئي۔
سيشن دوران شاگردن کي پاڪ سڃاڻپ ايپليڪيشن بابت آگاهي ڏني وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته هاڻي ماڻهو گهر ويٺي سڃاڻپ ڪارڊ، بيفارم ۽ ٻين ضروري دستاويزن سان لاڳاپيل خدمتون آساني سان حاصل ڪري سگهن ٿا
ان موقعي تي شاگردن سان سوال جواب پڻ ڪيا ويا، جنهن ۾ شاگردن ڀرپور شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي ڄاڻ ۾ اضافو ڪيو
شاگردن سيشن ۾ وڏي دلچسپي ظاهر ڪئي، جڏهن ته اداري جي انتظاميا نادرا ٽيم جا ٿورا مڃيا ۽ سندن خدمتن کي ساراهيو