24/04/2026
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجھ، اچي بوءِ بهار جي 🌸
سٺن ڪمن جي ساراه ڪرڻ اسان سڀني جو فرض آهي، خاص ڪري انهن ماڻهن جي، جيڪي بنا ڪنهن لالچ جي پنهنجي وقت مان حصو ڪڍي ٻين جي خدمت ڪن ٿا۔
اڄ دل جي گهراين سان ساراه پيش ڪيان ٿو محترم انسپيڪٽر محمد اياز کيڙو صاحب کي، جن اسان جي پاڙي پير تقي شاه ۾ بجلي جي وولٽيج واري اهم مسئلي کي حل ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔ پنهنجي مصروفيتن باوجود هنن مسئلي کي سنجيدگي سان ورتو ۽ ان جي حل لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون ۽ ڪمياب ٿيون ۽ اڄ اسان کي نئون ٽرانفارمر ۽ نئوا ٿنڀا مليا ۔
هي پهريون ڀيرو نه آهي—ڪجهه مهينا اڳ به روڊ ٺهرائڻ واري ڪم ۽ پراڻي ٽرانفارمر جون تارون مٺرائڻ ۾ سندن وڏو هٿ رهيو، جيڪو اڄ به پاڙي وارا قدر جي نگاه سان ياد ڪن ٿا۔
۽ اسان پاڙي وارا ٿوريئتا آهيون محترم جناب اطهر عباس سولنگي محترم جناب فدا حسين ڊڪڻ صاحب محترم سڪندر علي زهري صاحب محترم جناب سائين بدردين ساريو صاحب محترم جناب ڊاڪٽر برڪت علي منگي صاحب جن جا ۽ انهن جان جنهن پاڙي وارن جو ساٿه ڏنو ۔۔۔
اهڙا ماڻهو واقعي به سماج لاءِ نعمت هوندا آهن، جيڪي هميشه ٻين لاءِ سوچين ٿا ۽ عملي قدم کڻن ٿا 🌿
اسان سڀ پاڙي وارا سندن ٿورائتا آهيون ۽ دل سان دعاگو آهيون ته الله پاڪ کين وڌيڪ همت ۽ توفيق عطا فرمائي