انسان دوست ویلفیئر قاضي احمد

انسان دوست ویلفیئر قاضي احمد Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from انسان دوست ویلفیئر قاضي احمد, Kazi ahmed, Kazi Ahmad.

بريڪنگ نيوز قرآن پاڪ جي صورت تڪوير آيت نمبر 09 جو مفهوم آهي ته ڪهڙي گناھ تحت ان کي قتل ڪيو ويو؟؟؟انسان دوست ويلفئير قاضي...
15/01/2026

بريڪنگ نيوز
قرآن پاڪ جي صورت تڪوير آيت نمبر 09 جو مفهوم آهي ته ڪهڙي گناھ تحت ان کي قتل ڪيو ويو؟؟؟

انسان دوست ويلفئير قاضي احمد جي چيئرمين ايڊووڪيٽ حفيظ الرحمٰن جوڻو جي سڏ ۽ مين پرائمري اسڪول قاضي احمد جي انتظاميه جي تعاون سان ننڍڙا ٻار قاضي احمد شهر جي روڊن تي نڪري آيا ۽ قاضي احمد شهر ۾ ٻارڙن جو زوردار نارا ته؛-
ٻارن کي مارڻ بند ڪيو،
اسان جو ڏوھ ڪهڙو جو ماريه ٿا وڃون؟
اسان جو ڏوھ ڪهڙو جو ڪتن جي حوالي ڪيا ٿا وڃون؟
اسان جو ڏوھ ڪهڙو جو اسان کي بگهڙن جي حوالي ڪيو ٿو وڃي؟
اسان جو ڏوھ ڪهڙو جو اسان کي گهٽا ڏئي ماري گندگي جي ڍير تي اڇلايا ٿا وڃن؟
اسان کي ڪهڙي ڏوھ جي سزا تحت ڪن بگهڙن ۽ جانورن جي هٿان پٽرايو ۽ جسم جي ٽڪرا ٽڪرا ڪرايو ٿو وڃي؟

اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسان پنهنجي قوم جي نياڻين اسان جي مائرن ڀينرن ۽ ڀائرن کي هٿ ٻڌي التجا ٿا ڪيون هڪڙو ته اهڙا غلط ڪم نه ڪيو اگر اوهان کان ڪا غلطي ٿي آهي ته ٻار گند جي ڍير تي نه اڇلايو اسان قرآن پاڪ تي چيو آهي ته اهي ٻار اسان کي ڏنو مئل هوندا ته اسلامي طريقي سان دفن ڪنداسين زنده هوندا ته پرورش ڪنداسين اهي ٻار اڇلايا نه وڃن اهي ٻار ايڌي سينٽر يان انسان دوست ويلفئير قاضي احمد جي حوالي ڪيو اسان واعدو ٿو ڪيان ته اوهان جو نالو مڪمل راز ۾ رکيو ويندو هڪ ماڻهون جو قتل انسانيت جو قتل عام آهي خدارا انسانيت جو قتل عام بند ڪيو،

۽ انتظاميه کان به اپيل ٿا ڪيون ته جيڪي ٻار اڇلايه وڃن ان جي فيئر انويسٽيگيشن ڪئي وڃي ۽ جيڪي ڏوهي آهي نهن جي خلاف سخت کان سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

ان موقعي تي انسان دوست ويلفئير قاضي احمد جي چيئرمين سان گڏ ان جي ٽيم سائين امير ساجدي، پرڪاش ڪمار، جي ايم راهو، عنايت شاھ ڪرني، علي احمد جوڻو، مسعود احمد جوڻو، محمد رفيق ملاح، سهيل احمد ملاح، فقير سجاد حسين خاصخيلي ۽ ٻيا دوست گڏ هيا.

سٺي عمل جي تعريف ۽ جنهن جو ڪم ڪيل هجي ان کي ايپريشيئيٽ ڪرڻ کپي. رڪارڊ تي درسگتي جي لاءِ لکان ٿو......اسپيڊ بريڪرس جي معا...
13/01/2026

سٺي عمل جي تعريف ۽ جنهن جو ڪم ڪيل هجي ان کي ايپريشيئيٽ ڪرڻ کپي.
رڪارڊ تي درسگتي جي لاءِ لکان ٿو......

اسپيڊ بريڪرس جي معاملي تي اسان، قاضي احمد جي عا۾ ماڻهون صحافين ۽ قاضي احمد جي نوٽيبلس جون ڪوششون آهن پر نبي بخش ڪالوني قاضي احمد وٽ جيڪو بريڪر لڳو آهي اهو محترم مير هزار جتوئي ۽ ڪورٽ سڳوري جي معرفت لڳو آهي
اسان مير هزار جتوئي کي ڪورٽ سڳوري جي آرڊر جاري ٿيڻ تي به جس پيش ڪئي هئي ۽ اڄ اسپيڊ بريڪر لڳڻ کان پوءِ به جس ۽ مبارڪباد پيش ڪيون ٿا،

مان عرض ڪندو هلان تي ڪير به هجي پر جنهن جي اصل محنت آهي ان جو ڪريڊٽ ان کي ڏنو وڃي ان کي ايپريشئيٽ ڪيو وڃي ۽ مان ميرهزار جتوئي کي اپريشئيٽ ڪيان ٿو ۽ اميد ڪيان ٿو ته اڳتي به اهڙا قدم کڻندو هلندو،

دوستن کي به عرض ڪندو هلان ته معاملو ڏسي، حقيقيتون ڏسي خبر پوءِ بريڪ ڪندا ڪيو،

باقي اهيو بلڪل به سچ آهي ته قاضي احمد جي نوٽيبلس ۽ عام ماڻهن جي انتهائي ڪوششون رهيون آهن ته سموري باءِ پاس تي اسپيڊ بريڪر لڳايا وڃن ۽ انتظاميه يقين ڌياني ڪرائي آهي ته 15 کان 20 ڏينهن ۾ مڪمل روڊ تي جتي جتي ضرورت آهي اتي سپيڊ بريڪر لڳايا ويندا،

بلڪل اسان ڪوششون ڪيون آهن جنهن ۾ احتجاج نوٽيبسل سان وفد جي صورت ۾ ملڻ ڪورٽ سڳوري لاءِ ڪيس، انجينئر کي لکت ۾ درخواستون ۽ وفد جي صورت ۾ ملاقاتون ڪيون آهن

پر مذڪوره بريڪر مير هزار وارن جي ڪوششن سان لڳو آهي جنهن جو ڪريڊٽ انهن ڏانهن وڃي ٿو،

اسان جو ڪم پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ، محنت ۽ ڪوشش ڪرڻ آهي جيڪا هلندي رهندي، جيڪو به سٺو عمل ڪم ڪري ان کي سارهبو، مان دوستن جي اهڙي ڪم کي سارهيان ٿو مذڪوره ننڍڙي ئي ڪاميابي پر ان جو سهرو مير هزار جتوئي وارن جي سر آهي.

پاران؛ ايڊووڪيٽ حفيظ الرحمٰن جوڻو

18/12/2025

انتظاميه جي ڪمين پيشين تي دانهون ڪوڪو وس اهر ڪبيون،
پر انهن جي سٺي عمل جي تعريف به لازمي ڪبي،
مڃون ٿا جمال شاھ چوڪ تي ليٽ سيٽ ۽ رش به ٿيندي هوندي پر انتظاميه هن وڊيوز ۾ صاف ظاهر آهي ته هر خميس جي ڏينهن پوليس ڪانسٽيبل مقرر ڪري ٿي رش کي ايز پر لا ايز پر پاليسي هٽائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي
اميد ڪيون ٿا ته اڃا رش ٿئي ٿي ته ان کان جمال شاھ چوڪ صاف ڪندا،
۽ ٿورو اڃا ٽائيم سان لوڪ آفٽر ڪندا،
۽ اميد ڪيون ٿا ته جيئن جمال شاھ چوڪ رش گندگي کان صاف ڪرڻ جي ڪوشش هلي پئي اهي ئي انتظاميه قاضي احمد مان منشيات ۽ بدامني کي به صاف ڪندي،

انتظاميه جي ڪوشش هن ننڍڙي وڊيوز ۾ ظاهر آهي
انتظاميه جي مهرباني
انسان دوست ويلفئير قاضي احمد

انسان دوست ويلفيئر قاضي احمدسرواڻ *ايڊووڪيٽ حفيظُ الرحمان جوڻوقاضي احمد واسين لاءِ اهم اعلانقاضي احمد ۾ جيڪي ماڻهو منشيا...
15/12/2025

انسان دوست ويلفيئر قاضي احمد
سرواڻ *ايڊووڪيٽ حفيظُ الرحمان جوڻو
قاضي احمد واسين لاءِ اهم اعلان

قاضي احمد ۾ جيڪي ماڻهو منشيات جهڙوڪ هيروئن، آفيم، چرس وغيره استعمال ڪن ٿا، انهن جي فيملي، والدين ۽ مٽن مائٽن کي آگاهي ڏجي ٿي ته هو انسان دوست ويلفيئر جي سرواڻ ايڊووڪيٽ حفيظُ الرحمان جوڻو سان هيٺ ڏنل نمبر تي رابطو ڪن۔

نشو ڇڏائڻ لاءِ علاج ڪراچي ۾ ڪيو ويندو، جتي نشي ۾ مبتلا ماڻهن لاءِ رهائش، کاڌ خوراڪ، دوا درمل ۽ سفر جو خرچ ايڊووڪيٽ حفيظُ الرحمان جوڻو پاڻ ڪندو۔

جيڪي به پنهنجن پيارن جي زندگي بچائڻ چاهين ٿا، سي فوري طور تي رابطو ڪن:

📞 0307-3168870

پاران: ايڊووڪيٽ حفيظ الرحمن جوڻو ۽ انسان دوست ويلفيئر قاضي احمد

Address

Kazi Ahmed
Kazi Ahmad

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when انسان دوست ویلفیئر قاضي احمد posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share